ميرپور بٺورو

سن 0947.00.00 عيسوي ۾ 947 هه/ 1540ع ۾ جڏهن همايون سنڌ ۾ آيو ، تڏهن پهريائين عمرڪوٽ ۾ اچي رهيو ، پر پوءِ بٺوري ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته جيئن اتان مال ملڪيت هٿ ڪري ، پر مرزا شاهه حسن جي پاران سلطان محمود خان انهيءَ قلعي کي وڃي بچايو ۽ همايون شڪست کائي قنڌار ڏانهن هليو ويو


ميرپور بٺورو

سن 1540.00.00 عيسوي ۾  947 هه/ 1540ع ۾ جڏهن همايون سنڌ ۾ آيو ، تڏهن پهريائين عمرڪوٽ ۾ اچي رهيو ، پر پوءِ بٺوري ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيائين ته جيئن اتان مال ملڪيت هٿ ڪري ، پر مرزا شاهه حسن جي پاران سلطان محمود خان انهيءَ قلعي کي وڃي بچايو ۽ همايون شڪست کائي قنڌار ڏانهن هليو ويو


بخاري جمال الدين

سن 1900.03.14 عيسوي ۾ بخاري ، جمال الدين: مشهور ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاريءَ جو اصل نالو سيد جمال الدين ولد سيد زين العابدين بخاري هو . هن 14 مارچ 1900ع ۾ هندستان جي شهر احمد آباد ۾ جنم ورتو . سندس وڏن جو تعلق اُچ جي بخاري ساداتن سان هو . جتان پوءِ سندس وڏا لڏي اچي احمدآباد جي ” سنڌي واڙي “ ۾ رهائش پذير ٿيا


بخاري جمال الدين

سن 1940.00.00 عيسوي ۾ 1940ع ڌاري سنڌ هاري ڪميٽيءَ ۾ شموليت ڪيائين ، ڪامريڊ عبدالقادر صدر ۽ جمال الدين بخاري سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو


حاڪم علي شاهه بخاري

سن 1938.02.15 عيسوي ۾  سيد حاڪم علي شاهه بخاري سنڌ جو مشھور محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ. 15 فيبروري 1938ع تي ڳوٺ غلام چانڊيي تعلقي دادوءَ ۾ پيدا ٿيو .


بخاري سيد محسن شاهه

سن 1951.04.24 عيسوي ۾  سيد محسن شاهه بخاري ، ٽنڊي محمد خان جي سيد خاندان سان تعلق رکي ٿو . هن 24 اپريل 1951ع تي سيد عبدالحميد شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو .


ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

سن 1911.00.00 عيسوي ۾ بخاري ، ڪامريڊ عزيز سلام: ڪامريڊ عزيز سلام بخاري ڪميونسٽ ۽ هاري اڳواڻ هو . هو 1911ع ۾ شهر گونڊا اتر پرديش ۾ ڄائو ۽ اتي ئي شروعاتي تعليم حاصل ڪيائين . هن ميٽرڪ جو امتحان امن سڀا هاءِ اسڪول گونڊا مان پاس ڪيو .


ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

سن 1954.00.00 عيسوي ۾ جولاءِ 1954ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش باوجود هن پنهنجون تحريڪي سرگرميون جاري رکيون . 58-1957ع ۾ ڪامريڊ بخاري نواب شاهه مان هزارين هارين جي جلوس جي اڳواڻي ڪندي ڪراچيءَ جي جهانگير پارڪ ۾ ڪامياب جلسو ڪيو ، جنهن کي ” الاٽي تحريڪ “ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو .


ڪامريڊ عزيز سلام بخاري

سن 1986.02.18 عيسوي ۾ . ڪامريڊ بخاري هارين لاءِ جدوجهد جاري رکي ۽ عوامي تحريڪ ۽ پ پ سان ويجهڙائپ رکندي ڪم ڪندو رهيو . هو 18 فيبروري 1986ع ۾ حيدرآباد ۾ گذاري ويو ، کيس ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد جي قبرستان ۾ دفنايو ويو . اهو ڳوٺ وڏو عرصو هاري تحريڪ جو مرڪز رهيو هو .


بخاري مستور فاطمه

سن 1959.12.08 عيسوي ۾ بخاري ، مستور فاطمه: ليکڪا ۽ آرڪيالاجيءَ جي ماهر ، مستور بخاريءَ جو جنم روهڙيءَ ۾ سيد محبوب علي شاهه جي گهر ۾ 8 ڊسمبر 1959ع تي ٿيو . کيس شروع کان آثار قديمه جي علم سان دلچسپي رهي .


1  2   3   4   5   اڳتي